عباس شيخ

عباس شيخ : عربي ۽ فارسيءَ جو نامور عالم شيخ عباس، نصرپور جو رهاڪو هو. سندس والد جو نالو شيخ الياس هو، جيڪو بهترين خوش نويس پڻ هو. شيخ عباس، عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم ۽ فن ڪتابت جو ماهر هو. سندس متعلق عام روايت آهي ته پاڻ رضوي سادات جو خاص ڪاتب هو. سندس ڪتابت ڪيل هڪ ڪتاب ‘فوائد الصوات’ سيد مصري شاهه لائبرريءَ ۾ موجود آهي، جنهن تي ڪتابت جو سال 1151هه/ 1738ع ڄاڻايل آهي، جيڪو فارسي زبان ۾ بهترين خط ۾ تحرير ٿيل آهي. انهي ڪتاب جو مؤلف جمال ملاح نصرپوري هو. هن بزرگ 1180هه/ 1766ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو